مڪاني ادارن جون چونڊون ۽ ڪراچيءَ ۾ سياسي مقابلو

مڪاني حڪومتون بھ سياسي نظام جو اھم جز ھونديون آھن، جن جو ڪم علائقي جي ترقيءَ کي ھٿي ڏيڻ ۽ مڪاني سطح تي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ھوندو آھي،لوڪل باڊيز ھڪ اھڙو سسٽم آھي،جنھن سان عوام جو سڌو تعلق رھي ٿو. ھڪڙي لحاظ سان اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ  ملڪ ۾ ھر فوجي حڪمران مڪاني ادارن کي وڌيڪ سگھارو بڻايو آھي جڏھن تھ ان جي ڀيٽ ۾ جڏھن بھ ڪا سول حڪومت رھي آھي تھ ان مختلف سببن جي ڪري مڪاني سرشتي تي گھٽ ڌيان ڏنو آھي.ان جي لاءِ ايوب خان جي بنيادي جمھوريت، جنرل ضياالحق جي دور ۾ مڪاني ادارن تي ان جي مھرباني ۽ جنرل مشرف جي ناظمي نظام کي ڳڻائي سگھجي ٿو.بھرحال ان سياسي سيٽ اپ جي اھيمت کان ڪو بھ انڪار نٿو ڪري پر ھر ڌر ان کي پنھنجي مخصوص فائدي جي لاءِ استعال ڪرڻ چاھي ٿي.

اھو ياد رکڻ گھرجي تھ وڏي وقت کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي پر سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ ٿيل هاڻوڪين چونڊون عدالت جي حڪم تي ئي ٿيون ھيون ۽ برسات بعد ھڪ پويان ٻئي سبب جي ڪري التوا جو شڪار ٿيندڙ باقي رھيل ضلعن جي چونڊن جو معاملو بھ ھڪ ڀيرو وري عدالت ۾ ئي ويل آھي، جنھن دوران عدالت ان تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير ڪرڻ وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.عدالت وٽ سمورين ڌرين جو موقف اچي ويو آھي،جنھن ۾ سوا ڪنھن ھڪ پارٽيءَ جي باقي سموريون ڌريون چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تيار آھن.

سنڌ ۾ جيڪڏھن جمھوري ماحول جوڙيو وڃي ۽ ان ۾ سموريون سياسي جماعتون شامل ٿين تھ اھو ھڪ ھاڪاري عمل ھوندو ان سان عوام جو سياست ۾ يقين پختو ٿيندو .انڪري ڪنھن بھ سياسي مسئلي جو حل غير سياسي نھ ھئڻ گھرجي،ان جي لاءِ سياسي پارٽين کي پڻ سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. سنڌ ۾ باقي رھيل ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ خاص ڪري ڪراچي جي شھري حڪومت گھڻي اھميت رکي ٿي، جتي ڳچ عرصي کان ايم ڪيو ايم ئي پنھنجو شھري نمائندو مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي رھي آھي،ان وچ ۾ ھڪ ٻھ ڀيرا جماعت اسلامي کي پڻ شھري ميئر ۽ ڪراچي ناظمي جو منصب مليو آھي،انھن ٻنھي پارٽين کانسواءِ ھتي پيپلزپارٽي جو بھ چڱو چوکو اثر آھي،جڏھن تھ ھن ڀيري فرق اھو آھي تھ ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ جماعت اسلامي،ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جا ووٽ کنيا ھئا ان ڪري ھن وقت اھا پڻ ميدان خالي ڇڏڻ نٿي چاھي.

سمورين ڌرين جو مقصد جيڪڏھن شھري نظام کي بھتر ڪرڻ ۽ شھر جا مسئلا حل ڪرڻ ئي آھي تھ پوءِ ان جي لاءِ دير نھ ٿيڻ گھرجي، ڪراچي جو ووٽر انھن سمورين پارٽين کي آزمائيندو بھ رھيو آھي، انھن جي نيتن کان بھ خوب آگاھھ آھي ان ڪري  اھو تھ اڃان بھ بھتر آھي تھ اھڙي مقابلي واري صورتحال ۾ ڪراچي جو ماڻھون پاڻ اھو فيصلو ڪري تھ اھو ڪنھن کي شھر جي ترقي،عوامي خدمت جو موقعو ڏيڻ چاھي ٿو.

مڪاني ادارن جي الڪشن کي ھاڻي بھ دير سان ٿيڻ سان شھر جا مسئلا وڌندا ويندا جنھن سان وري بھ شھر جو ۽ شھرين جو نقصان ٿيندو. ان ڪري ڌرين جي لاءِ سمورو ميدان کليل ر کڻ گھرجي جيئن عوام جنھن کي چاھي ان کي چونڊي.

ھندو برادري جي لڏپلاڻ جو بحث، اصل سبب ڪھڙا آھن ؟

سنڌ ۾ وري اھو ھندو برادري جي لڏي وڃڻ جو بحث جاري آھي،جڏھن بھ ھندو برادري سان ڪو واقعو ٿئي ٿو تھ ان بعد اھڙو بحث شروع ٿو ٿي وڃي. ھن وقت جيڪب اباد،ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي حوالي سان اھي خبرون اچي رھيون آھن تھ لڳ ڀڳ ٻن کان ٽي ھزار ھندو برادري جا ماڻھون ھندوستان ڏنھن گڏيل طور ھجرت ڪرڻ جي تياري ڪري رھيا آھن،ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان اھو بھ ٻڌايو پيو وڃي تھ ڏھھ ھزار ھندو برادري جي ماڻھن لڏي وڃڻ جي نيت سان پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آھن.

هندو برادري جي اھڙي نموني  لڏي وڃڻ پٺيان  ٽي اهم سبب ڄاڻايا پيا وڃن.ھڪ  امن امان جي صورتحال خراب آهي، هندو برادري جي نوجوانن کان مختلف وقتن تي 50 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ڦر ٿي چڪيون آهن.ان بابت پوليس عملدارن کي ڪيل شڪايتن جو ڪو تدارڪ نھ ٿيو آھي. ھڪ ٻيو سبب ڪرڪيٽ بُڪي مافيا آھي،جيڪا هندو نوجوانن کي ڦاسائي ٿي.جنھن ۾نوجوان جوا کيڏندي وياج ۾ قابو ٿي وڃن ٿا.وياج خور ھندو برادري کي هيسائين ٿا.نتيجي ۾ ھنن کي لکين رپيا ڀرڻا پوڻ ٿا.ان سلسلي ۾ حد جي پوليس جو چوڻ آھي تھ جڏھن بھ اھڙو ڪو معاملو ٿئي ٿو تھ  فريادي ڪو سامھون اچڻ ضروري ھوندو آھي پر ھتي ڪو بھ پنھنجي ڳالھھ تي بيھڻ جي لاءِ تيار ناھي ھوندو.ان ڪري ڪارروائي ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي.

مختلف سياسي،سماجي، توڙي ڪاروباري ڌرين ذڪر ڪيل علائقن مان هندن جي لڏپلاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ڪجھھ حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي پُرامن ۽ ڪاروباري هندو برادري کي لڏائي سندن ملڪيتن تي قبضي جي هڪ منظم سازش ٿي رھي آهي.

سنڌ ۾ امن امان  جي صورتحال جيڪڏھن بھتر ٿي وڃي تھ ان سان سنڌ جو واپاري طبقو سک جو ساھھ کڻي سگھي ٿو.اھا حقيقت آھي تھ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪنھن بھ ريت تسلي بخش نھ آھي،جنھن جو گھڻو نقصان سنڌ جي واپاري طبقي کي رسي ٿو ۽ سنڌ جو ھندو واپاري طبقي سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري اھو اھم پاسو آھي، ان ھوندي بھ سنڌ حڪومت کي ھندو برادري جي ماڻھن جي ڏکن کي سمجھڻ جي لاءِ انھن کي ٻڌڻ ۽ انھن تي غور ڪرڻ جو اھتمام ڪرڻ گھرجي،جيئن ھنن کي پڻ برابر جي شھري ھئڻ جو احساس ٿئي،سموري دنيا جا مسئلا ڳالھھ ٻولھھ ۽ رابطي سان حل ڪري سگھجن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.