نادرا جي ناانصافي ۽ غريب عوام

مير ذوالفقار چانڊيو

اڄ ڪلهھ پاڪستان جي صوبائي توڙي قومي ادارن جي حالت اھڙي لڳي پئي آهي جنهن ۾ غريب مسڪين اٻوجھه ماڻھن جو وڃڻ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرائڻ انتھائي مشڪل بڻجي ويو آهي خاص ڪري قومي اداري”نادرا “ جي ڳالھه  ڪجي ته ھي ادارو ھميشھ تڪراري رهڻ سبب عوام جي نشاني تي رھيو آھي کين ھر وقت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي خاص ڪري اِن حوالي سان ته نادرا اداري طرفان مسلسل افغانين ڌارين جي لوڌ کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ ۽ ڌرتي ڌڻين جا مسئلا حل نه ٿيڻ سبب عوام کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

جيڪڏهن نادرا جي ڪجھه  پاليسين قانون تي غور ڪجي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته نادرا کي صرف مال ميڙڻ جو ذريعو بڻايو ويو آهي مثال طور تي گھرواريءَ جو مڙس جي نالي تي شناختي ڪارڊ ٺھيل ھجڻ سرڪاري نڪاح نامو ھجڻ باوجود نادرا جي رڪارڊ ۾ ان مرد کي غير شادي شده ڄاڻايو ويندو آهي جنهن جي لاءِ ھڪ سؤ فيس ادا ڪري پنھنجي پاڻ کي نادرا جي رڪارڊ ۾ شادي شده قرار ڏياري سگھو ٿا ڪيڏو نه عجيب وغريب قسم جو قانون آھي گھرواريءَ جو سڀ ڪجھه  مڙس جي نالي تي ٺھيل آھي عورت کي اولاد ھجڻ باوجود نادرا جي معلومات مطابق اُھا عورت پنھنجي مڙس جي نالي تي ڄاڻايل ناهي جيڪو سراسر عوام سان غلط ۽ ڌوڪو آهي جيڪڏهن ايندڙ حالتن ۾ عورت طلاق جو مطالبو ڪري يا پنھنجي مڙس کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ته ذميوار ڪير هوندو ؟؟ جيڪڏهن نادرا به لکي ڏئي ته ھي مرد غير شادي شده آهي ته پوءِ ويچارو غريب مسڪين مرد ڇا ڪري سگھندو؟

نادرا اداري جو آن لائن رڪارڊ ھجڻ باوجود نادرا جي ٻئي وڏي نااھلي ھي آھي ته ھڪ عورت جو پنھنجي پيءُ جي نالي سان شناختي ڪارڊ ٺھيل ھو نادرا اداري طرفان ان ساڳي عورت کي مڙس جي نالي سان ٻيو ڪارڊ ٺاهي ڏنو ويندو آهي جنهن کانپوءِ ان ساڳي عورت يا وري ڊبل ڪارڊ رکندڙ مرد کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ڊبل ڪارڊ رکندڙ مردن توڙي عورتن جو نادرا ۾ ڪو ڪم ناهي ٿيندو انھن کي اھو چئي واپس ڪيو ويندو آهي ته ھڪ ڪارڊ کي بند ڪرايو جنھن جي فيس ڏھ هزار روپيا مقرر ٿيل آهي ھتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته نادرا جي مسلسل پنھنجن غلطين باوجود عوام کي ڪيترين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي موجوده مھانگائي وارين حالتن ۾ غريب مسڪين ماڻهو ھڪ وقت جي ماني مشڪل سان کائي رهيو آهي اھو غريب مسڪين ماڻهو ڏھ ھزار فيس ڪٿان ادا ڪري پنھنجي ٻارڙن جو بي فارم ٺھرائيندو.

منھنجي اکين ڏٺو احوال آهي ته ھڪ غريب مسڪين ماڻهو ڪينسر جو مريض پنھنجي ٻارڙن جو بي فارم ٺھرائڻ آيو ته اُن کي اِھو چئي واپس ڪيو ويو ته توهان جا ڊبل ڪارڊ آھن ٿوري سوچڻ جي ڳالھه  آهي ته ڊبل ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ ۾ نادرا جو ڪمال آهي ڇا آن لائين سسٽم ۾ خبر ناهي پوندي ته ھڪ ماڻهو جو اڳ ئي ڪارڊ ٺھيل آھي اسان ٻيو ڪيئن ٺاھي رھيا آھيون مطلب ته نادرا اداري طرفان غريب ماڻھن کي پريشان ڪري فيس مٿان فيس ادا ڪرڻ جو بھانو بڻائي اداري کي صرف مال ميڙڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته نادرا جي اھڙن عوام دشمن پاليسين ۽ بار بار عوام کي پريشان ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري عوام کي ڪجھه  رليف ڏنو وڃي جيئن غريب ماڻهو آساني سان پنھنجو قومي شناختي ڪارڊ ٻارڙن جو بي فارم ٺھرائي سگھي ٻيءَ صورت ۾ نادرا اداري جون موجوده سخت پاليسيون ھجڻ ڪري غريب ماڻهو ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي جنھن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.