فوجي سربراهه جي مقرري ۽ زميني حقيقتون

عاصمھ شيرازي

رات جي ڏٺل خواب جي صبح جو تعبير نھ ٿئي تھ شڪوھ  ننڊ کان رھندي آھي،ڪهاڻي حقيقت جو روپ ڌاري رھي ھجي ۽ ان جو ڇيڙو ڇڏائجي وڃي تھ ڪردارن کان شڪايت، مٺ ۾ آيل وقت ھٿ تري مان واريءَ جيان وھي وڃي تھ  ڏوھ وري ھٿن جو.اھو سڀ ڪجھھ گذريل نون مهينن جي سياست ۾ ٿيو آهي. آرمي چيف جي مقرري اها خواهش هئي جيڪا عمران خان جي سيني ۾ ئي سمايل رهي ۽ اهو خواب تعبير جي وقت ڇڏائجي ويو.

سياست هر روز رنگ ڏيکاريندي رهي آهي ۽ رنگ باز به ڪيئي انداز بدلائي رهيا آهن. طريقو سياسي هجي يا غير سياسي،بھرحال  راند جا سمورا قاعدا اتي ئي طئي ٿيندا جتان اهي هميشه ٿيندا رهيا آهن. شطرنج جي هن راند ۾ بادشاھه چال ھلندو ۽ پيادا حڪم جي تعميل ڪندا.

گذريل هڪ سال کان ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ۽ سياست جو محور صر ف ۽ صرف آرمي چيف جي مقرري ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ خواهشون رهيون آهن، ان وچ ۾ ڇا نه ٿيو آهي؟ شام ۽ صبح بدلجي ويا، ڪيتريون ئي موسمون گذري ويون، حڪومت اپوزيشن ۾ ويھي رھي، اپوزيشن حڪومت جو حصو بڻجي وئي، پتا بدليا، مهرا بدلجي ويا، رانديگر به تبديل،ايتري تائين جو ميدان به بدلجي ويا.جيڪڏهن نه بدليو تھ اھم مقرري  جي چوڌاري ڦرندڙ ڦيٿو تبديل نه ٿيو.

سياسي پروگرامن جا موضوع، نجوميءَ جي توجهھ، پنڊتن جي تپسيائن جو محور ، چنڊ سج گرهڻ جا چڪر، ستارن جي چال جو چلڻ ، مبصرن جي سخن جو موضوع ۽ سياستدانن جي اميدن جوگلشن، هڪ ئي نقطي جي چوڌاري ڦرندو رھيو ۽ اھو ھو نئين چيف جي مقرري،

سياست کان پري رهڻ تي مجبور عسڪري مقتدرھ بھ لڪي لڪي،آھستي آھستي،روز خود کي  ’غير سياسي‘ ٿيڻ جو دلاسو ڏيندي رھي. انهن مان ڪي اڃان ”ھلو ھاڻي موٽي ھلون“  جي آس ۾ چاھيندي نھ چاھيندي، حالتن کي درست ڪرڻ جي پيش نظر ، ”دروازا بندتھ نٿا ٿي سگھن“ جو دلاسو ڏيندي کڙڪي جو ھڪ تاڪ کولي ڇڏيندي آھي.

غير سياسي ٿي ڪري  سياسي ٿيڻ ۾ جيڪو  مزو آھي اھو  ٻئي ڪنھن ۾ ٿورئي آھي ؟ وري اھي ئي ”سياست “ جا ڏينهن رات .. بهرحال، ادارو تھ حال ۾ گذريل ڏينهن جي ’غلطين‘ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ لڳل  آهي.ستم ظريفي اها آهي ته ٿيڻي  ۽ اڻ ٿيڻيءَ  جي وچ ۾ پل تي هلندي سياسي نظام کي هاڻي جي سھارو آھي تھ ”غير سياسي اسٽيبلشمينٽ“ جو اھو ڪردار بھرحال ويندي ويندي ويندو.

پر خواهش ۽ خبر جي وچ ۾ ڦاٿل اسٽيبلشمينٽ  ڪردار نڀائڻ  جي ڪوشش ۾ ٻن ٻيڙين جي مسافر آهي.

هڪ طرف ڳچي ۾ پيل محبت  ۽ ٻئي طرف محبت کان وڌيڪ ضرورت. هڪ طرف پراڻو پيار ۽ ٻئي طرف نئين دڪان جو اڌار ، جنهن کي چڪائڻو لازمي آھي،ته جيئن اهو کاتو مستقبل لاءِ بند نه ٿئي.هڪ طرف سالن جي محنت سان ٺاهيل اثاثا ۽ ٻئي طرف نئون ٺاهيل دبيانيئو تھ اسٽيبلشمينٽ غير سياسي، حقيقي ۽ وکري ٽائپ جي آهي. بهرحال اها ڪوشش تاحال جاري آهي، ڏسجي ته نظام سرخرو ٿي سگھي ٿو يا نھ ؟

ھونئن تھ آرمي چيف جي مقرري جو اصل اختيار وزيراعظم وٽ آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي آرمي چيفن کي وزيراعظمن جي تعين ڪرڻ جو  اعزاز به حاصل رهيو آهي. ان شرف کان محروم رھجي ويل  وزيراعظمن کي بنھھ ڏکايل ۽ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن جنھن بھ چيفس لڳايا، انھن مزو ماڻيو.

 

ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو جڳ سڃاڻجندڙ  ماڻهو ۽ دانشور، جنرل ضياءُ الحق جي معصوميت ۽ وفادار طبيعت کان دوکو کائي ويو ۽ نواز شريف جھڙو  ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چونڊيل وزير اعظم به جنرل مشرف جي ’غير سياسي شخصيت‘ جو شڪار ٿي ويو. جنرل راحيل ۽ جنرل قمر باجوا به نواز شريف کي ڀائي ويا ھئا، پر وقت ثابت ڪيو ته هڪ چيف وري به چيف ھوندو آهي.

 

هن ڀيري آرمي چيف جي مقرري جو ڪڻو ، شهباز شريف جي ھٿ آيو  آهي، جڏهن ته اقتدار کان ٻاهر ويٺل عمران خان کي خدشو آهي ته اهو  ڪڻو عين درست وقت تي ھن جي ھٿ مان ڦريو ويو آهي.

شهباز شريف ھن اهم ذميواريءَ کي ڪيئن نڀائيندو، اهو ھن لاءِ امتحان آهي، پر ياد رهي ته، لٺ جنھن کي بھ هٿ ۾ ايندي تھ اھو ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق گھمائيندو، يعني جنهن وٽ لٺ آهي. ان جي طاقت وڏي آهي.ڏسندا رھو، نومبر جي آخر تائين، گھڙي جي ٽڪ ٽڪ ڪنھن تي اچي رڪجي ٿي ؟  پيالي ۽ چپن جي وچ ۾ اڃا به ٿورا  ڍڪ باقي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.