عمران تي حملي جو مقصد کيس قتل ڪرڻ نه پر ڊيڄارڻ هو؛ جنرل فيض چشتي

اسلام آباد ( م ڊ ) ليفٽيننٽ جنرل ( ر ) فيض علي چشتي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان تي حملو ڪنهن ” مارڪس مين“  جو ڪم هو. اڳوڻي فوجي آفيسر فيض علي چشتي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان تي حملي جو مقصد کيس قتل ڪرڻ نه پر رڳو ڊيڄارڻ هو، جڏهن به  مارڪس مين کي ڪو ٽارگيٽ  ڏنو ويندو آهي، ان جو مقصد سامهون واري کي ڊيڄارڻ هوندو آهي ۽ مارڪس مين کي گوڏي کان هيٺ گولي هڻڻ جو حڪم مليل هوندو آهي. ايڪس سروسز مينز سوسائيٽي جي سرپرست اعليٰ چيو ته ايڪس سروس مينز جو حق آهي ته هو سياست ۾ حصو  وٺن. هن چيو ته مون پاڪستان کي ترقي ڪندي به ڏٺو،  ٽٽندي به ڏٺو ۽ هاڻي ٻڏندي ڏسي رهيو آهيان.سندس چوڻ هو ته عمران خان  خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي، نئين وزيراعظم ايوان مان اعتماد جو ووٽ ورتو، عمران خان کي گهرجي ته هو پارليامنٽ ۾ وڃي ۽ اتي بي اعتمادي رٿ آڻي ۽ اڳتي وڌي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.