مقتول مختيارڪار مٽي ماءُ حوالي، 3 جوابدار گرفتار، سنڌ ۾ روينيو آفيسن جي تالابندي

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران لينڊ مافيا هٿان قتل ڪيل منگهو پير جي مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي مٺياڻي ويجهو ڳوٺ مير محمد چانڊيو جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي ممتاز چانڊيو، برهان چانڊيو، ڊي سي نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم، عبدالرحيم عباسي امر امتياز سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي.مختيار ڪار اعجاز چانڊيو کي سوين آلين اکين سان علي گوهر شاهه قبرستان ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.هوڏانهن ڪراچي پوليس مختيارڪار قتل واقعي جي مک جوابدار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ مقتول مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي ماسات  پ پ ايم پي اي ممتاز چانڊيو تصديق ڪئي ته اعجاز چانڊيو جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته مقتول اعجاز چانڊيو جي ڊرائيور گرفتار ٿيلن مان مک جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي آهي.ايم پي اي ممتاز چانڊيو جو چوڻ هو تھ قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويندو جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ اختر چانڊيو چيو ته اعجاز چانڊيو ۽ سندس ٽيم کي سڪيورٽي نھ ڏني وئي، جنهن ۾انتظاميا ۽ پوليس جي لاپرواهي واضح نظر اچي ٿي.ٻئي طرف مختيارڪار جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ روينيو ملازمن، وڪيلن ۽ سياسي توڙي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا  احتجاجي مظاهرا ڪيا.پڊعيدن ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي.جسقم ڪارڪنن  اختر آريجو، سارنگ بڙدي ۽ نويد اڄڻ جي اڳواڻي ۾نصرت  ڪئنال پل تي احتجاجي مظاھرو ڪيو.ملير جي  ڊي سي آفيس ۾ روينيو عملي آفيسن جي مڪمل تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي، روينيو عملدارن توڙي ملازمن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. گهاري ۾سڇوا پاران مولوي قاسم ڇانڊيو،منصور.چانڊيو ۽ عاجز جوکيو جي اڳواڻي ۾ چانڊيو هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.ميرپورخاص ۾روينيو ايمپلائز يونين پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڊگھڙي ۾ آل سنڌ روينيو اتحاد جي سڏ تي روينيو آفيس جي تالا بندي ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته ڊگهڙي بار جي وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو.ڪنري ۾ روينيو ملازمن آفيس جي تالابندي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم، مختيارڪار علي رضا نندواڻي، ڪيول ڪمار، اقرار علي، اظھر ميمڻ ۽ دائم ڌاندل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاھرو ڪيو جڏهن ته ڪنري سول ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.پٿورو ۾روينيو آفيس جي تالابدي ڪري مختيارڪار آصف ڪالرو، نيڪ محمد چوپاڻ ۽ پرشوتم ميگھواڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مٺي ۾ روينيو ملازمن احتجاجن آفيسون بند ڪري ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جڏهن ته روينيو ايمپلائيز پاران شهيد مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي غائباڻا جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي.ٽنڊوالهيار ۾ محمد خان جروار جي اڳواڻي ۾ روينيو ملازمن ضلعي آفيسن کي تالا هڻي ڊي سي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.ڪوٽڙي ۾روينيو  آفيسن جي تالابندي ڪري عمران کوکر, شوڪت لنڊ, دودو خان کوسو, وڪي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.هوڏانهن سيوهڻ ۾روينيو ملازمن قلم ڇڏ ھڙتال ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال حسين جنڊاڻ  ۽ مختيارڪار عبدالحميد نھڙيو، عبدالطيف سولنگي، ٻابو بليدي،  صابر خاصخيلي، اڪبر سومرو، شاھد ميمڻ ۽  امداد علي رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.ميھڙ ۾ روينيو آفيس جي تالا بندي ڪري مختيارڪار نبي بخش سولنگي، گلزار ساھڙ، امام بخش چانڊيو، صدورو جھتيال، لياقت ڪلھوڙو ۽ ذوالفقار مھيسر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري روينيو آفيس اڳيان بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي جڏهن ته ميھڙ ۾سچوا جي سڏ تي عبدالمالڪ چانڊيو، ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، محمد اعظم چانڊيو ۽ محمد حسن چانڊيو جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار آفيس جي ڪلارڪن، تپيدارن اسسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير جوڻيجو، سينيئر ڪلارڪ قاضي سڪندر جوڻيجو، ريڊر امداد حسين ٻگهيو، ڏوڪري وڪيل ٻار جي صدر ايڊووڪيٽ قاضي ديدار جوڻيجو، ايڊووڪيٽ وحيد راجپوت، ايڊووڪيٽ سراج سومرو، آصف ايڊووڪيٽ آصف سنديلو، تپيدار يونين جي صدر ڪامران ضمير منگي، تپيدار شڪيل سومرو، تپيدار ديدار ابڙو، فقير خادم حسين آريجو، امان ﷲ کوکر، بشير احمد پنهور، محمد صفر جتوئي، مولا بخش چنو ۽ قاضي شاھ جھان جي اڳواڻي ۾ آفيسن کي تالا هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.لاڙڪاڻي ۾ روينيو کاتي جي ملازمن سمورين آفيسن جي تالابندي ڪري روينيو آفيس ۾ مقتول مختيارڪار جو تڏو وڇايو، جتي ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.رتي ديري ۾ روينيو آفيس جي تالا بندي ڪري عبد المجيد مڱريو، طاهر جتوئي، معشوق ميراڻي، ڪاشف منٺار سولنگي، عزيز الله سناڻي، عبدالسميع رند، حق نواز جتوئي، حسين بخش چانڊيو ۽ امداد ٻپڙ جي اڳواڻي ۾ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾مختيارڪار عبدالسميع، اسسٽنٽ مختيارڪار امتياز ڪمالاڻي، جان شير ميمڻ، علي گوهر شاهه، رسول بخش ۽ غلام مصطفي گاڏھي جي اڳواڻي ۾ روينيو ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو.شھدادڪوٽ ۾ به روينيو ملازمن آفيس جي تالابندي ڪري نظام مگسي، زاھد مغيري ۽ اشفاق ڪمبوھ جي اڳواڻي ۾ آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو. ٻئي طرف حيدرآباد، سکر، گڊو، ڪشمور، تنگواڻي، ٺل،جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، شڪارپور،خيرپور، راڻي پور، مورو، دادو، شهدادپور، کپرو، سانگهڙ،ٺٽو ۽ تلهار،سميت  مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي چيو ويو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي سنڌين لاءِ مقتل گاھ بڻايو ويو آھي، دهشتگرد ۽ قبضاگير سرعام سنڌين جي رت سان راند کيڏي رهيا آھن پر انتظاميا ۽ حڪومت سندن آڏو بيوس بڻيل آھي.هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد اعجاز چانڊيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ گورنمينٽ ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندڙ روينيو  کاتي ۾ ريفارم ڪري مئجسٽريٽ وارا پراڻا اختيار بحال ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.