قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي پي ٽي آءِ عورت ميمبر جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل سيٽ تي پي ٽي آءِ جي عورت اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽ تي پي ٽي آءِ جي روحيلا حامد کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها سيٽ پي ٽي آءِ جي شاندنا گلزار جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، پارٽي پاليسي موجب سمورن ميمبرن استعيفائون جمع ڪرايون هيون پر بعد ۾ ڪجهه ميمبر ڦري ويا ۽ هنن عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.