کربن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ، نيب چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وٽ طلب

اسلام آباد (م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب ۾ ٻڌڻي هيٺ کربين روپين جي ڪيسن تي تفصيلي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪندي نيب چيئرمين کي اڄ طلب ڪري ورتو . رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نيب چيئرمين کي  طلب ڪندي سيڪريٽري ڪميٽي کي نيب چيئرمين جي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستانين پاران ڪيل آڊٽ اعتراضات 2019-20ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي پڇاڻو ڪيو ته او پي ايف هائوسنگ اسڪيم ۾ گيس ڇو ناهي ڏني وئي؟ ماڻهو 30-30 سالن کان گيس کان محروم آهن جنهن تي ڪميٽي گيس جي فراهمي بابت غفلت ڪندڙن جو تعين ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.چيئرمين نور عالم خان چيو ته اوورسيز هائوسنگ اسڪيم ۾ غريب مزدورن جو حق آهي. جڏهن اوورسيز هائوسنگ اسڪيم ٺاهي وئي ان وقت گيس جي لاڳت به گهٽ هئي جنهن تي ڪميٽي مواصلاتي نظام جي خرابي تي تحقيق ڪري طلب ڪري ورتي.ڪميٽي جو وقت تي ڊي اي سي اجلاس نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته آئنده وقت تي ڊي اي سي نه هجڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل سيڪريٽري جي پگهار مان پئسا ورتا ويندا جيڪڏهن سيڪريٽري ڪم نه ڪيو ته لاڳاپيل وزير کي به طلب ڪيو ويندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.