گم ڪيل رستم شر جي ڪورنگي مان گرفتاري ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) سانگهڙ مان ڏيڍ مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل پڊعيدن واسي نوجوان رستم شر  جي ڪراچي مان گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته وفاقي حساس اداري جي سهڪار سان ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ ريووليشن آرمي سان تعلق رکندڙ هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي موجب ڪورنگي لائيسن آفيس برانچ وٽ ڪارروائي دوران گرفتار جوابدار رستم علي ولد محمد عثمان شر کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا. سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سنڌ ريووليشن آرمي سان آهي، جوابدار ڏاڍو چالاڪ، ذهين ۽ ماسٽر مائينڊ آهي. جوابدار جرمني ۾ تنظيم جي سربراهه ذوالفقار خاصخيلي سان سگنل ۽ ٽيليگرام ايپ ذريعي رابطو ڪندو هو ۽ جوابدار تنظيم جي سربراهه کان هدايتون ۽ ٽارگيٽ وٺندو هو، جوابدار هٿيارن ۽ بارود جي فراهمي سميت سهولتڪاري ۾ به ملوث آهي. سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار سنڌ ۾ قتل، قتل جي ڪوشش، ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪي سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث ۽ گهربل آهي، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف دهشتگرد ڄاڻائي گرفتار ڪيل  رستم شر  جي گمشدگي خلاف گذريل هڪ مهيني کان پڊعيدن ۾ وارثن توڙي شهرين جو  احتجاج گذريل ڏينهن به جاري رهيو.نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان کي  ڏيڍ مهينو اڳ سانگهڙ مان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.