جوهي ۾اسڪول مان روزاني ٿيندڙ چوري خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

جوهي (ن ع آ)جوهي شهر جي پرائمري اسڪول بلاڪ 1 مان روزانو ٿيندڙ چوري وارداتن خلاف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽيڪسي اسٽينڊ آڏو جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو, اسڪول شاگردن, شاگردياڻين ۽ استادن محمد امين جمالي, اڪبر کوسو,امين لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن دانهيو آهي ته پرائمري اسڪول بلاڪ ون ۾ چوڪيدار نه هجڻ ڪري روزانو چوريون ٿيڻ معمول بڻيل آهي, ڪڏهن سولر پليٽون ته ڪڏهن پکا ۽ پاڻي جا موٽر ڇوري ڪري وڃن ٿا جڏهن ته اسڪول ۾ پٽيوالو ۽ سوئيپر به ناهي, جنهن ڪري صفائي سٿرائي وارو ڪم استاد پاڻ ڪري رهيا آهن, هنن چيو ته اسڪول ۾ مقرر چوڪيدار, پٽيوالي کي ايس ڊي او پاران بدلي ڪيو ويو آهي جنهن ڪري شهر جي مُک اسڪول مان روزانو چوري جون وارداتون ٿي رهيون آهن, هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار, پٽيوالو ۽ سوئيپر مقرر ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.