مظفر ڳڙهه ۾ وين جي ٽڪر ۾ ريتي واسي ڊرائيور فوت

ڏهرڪي ( ن ع آ ) ڏهرڪي ويجهو ريتي شهر جو رھواسي پورهيت شبير احمد لغاري پنجاب جي شھر مظفرڳڙهه ۾ روڊ حادثي دوران  فوت ٿي  ويو، جنهن بعد فوتي پورهيت جو مڙھ سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي پورهيت جي وارثن موجب شبير احمد ٽرالر  تي ڊرائيور ھو جيڪو ٽالر کان ھيٺ لھي رهيو هو ته پويان ايندڙ وين کيس زوردار ٽڪر ھنيو جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.