هالا جي ڪچي ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

ھالا (ن ع آ) سالارو ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي لٺين ،ڪهاڙين جي آزاد نه استعمال جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا اٺ همراهه جنهن ۾ هرهڪ گهنور خان، برڪت، فياض، امام بخش، علي مراد، سونا خان ۽ ٻه نامعلوم همراهه شديد زخمي ٿي پيا،واقعي جي اطلاع تي سالارو پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچندي زخمين کي فوري طور تعلقه اسپتال ھالا پهچايو ويو. جتي ٻن زخمين جي حالت تمام خراب هجڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو. ٻئي طرف جهيڙو ڪندڙ ٻنهي ڌرين پاران سالارو ٿاڻي تي هڪ ٻئي خلاف حملي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته سالارو پوليس ٻنهي ڌرين جي چئن همراه کي گرفتار ڪندي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.