هي وقت روس کي تباهه ڪن جنگ کي ختم ڪرڻ، هزارين زندگين کي محفوظ بڻائڻ جو آهي: يوڪرين جي صدر پاران جي 20 اجلاس کي خطاب

ڪيف (م ڊ) يوڪرين جي  صدر ولاديمير زيلنسڪي  جي – 20 ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هي وقت روس جي تباهه ڪن جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ هزارين زندگين کي محفوظ بڻائڻ جو آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق هن انڊونيشيا ۾ ٿيل جي 20  سربراهي اجلاس ۾ وڊيو خطاب جي دوران چيو هن کي يقين آهي ته هاڻ اهو وقت آهي جڏهن روس تباه ڪن جنگ کي روڪڻ گهرجي ۽ هن کي روڪي سگهجي ٿو جنهن سان هزارين زندگيون بچي وينديون. هن روسي اختيارين طرفان ايٽمي هٿيارن جي ڌمڪن کي تنقيد جو نشاڻو بڻائيندي چيو ته ايٽمي بليڪ ميلنگ جو ڪو به بهانو موجود آهي ۽ نه هي ٿي سگهي ٿو. هن گڏيل قومن ۽ ترڪي جي ثالثي ۾ اناج جي معاهدي ۾ اڻڄايل مدي تائين توسيع جو مطالبو ڪيو جيڪو 19 نومبر تي ختم ٿي ويندو. يوڪريني صدر اناج جي ٻئي بندگاه هن تائين توسيع تي زور ڏيندي چيو ته ان ڳالهه کان ڪو به فرق نٿو پئي ته جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي ان لاءِ هن کي يقين آهي ته اسان جي اناج جو روانگي واپار ۾ اڻڄايل مدي تائين توسيع ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.