عمران خان کي ملندڙ تحفن جو خريدار سامهون اچي ويو، اڇا ڪارا ظاهر

 

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سعودي ولي عهد طرفان ملندڙ قيمتي تحفن جو خريدار سامهون اچي ويو.

دبئي جي ڪاروباري شخصيت عمر فاروق تحفن سان گڏ سامهون اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته عمران خان سعودي ولي عهد کان ملندڙ قيمتي گهڙي دبئي ۾ فرح گوگي ذريعي کپائي، 5 کان 6 ملين ڊالرن جي گهڙي ٻه ملين ڊالرن ۾ کپائي وئي.

گهڙي جي خريدار جو چوڻ آهي ته عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر مون سان رابطو ڪيو ۽ فرح خان گهڙي کڻي آئي، مان گهڙي ٺاهيندڙ ڪمپني کان تصديق ڪرائي ته انهن چيو 5 کان 6 ملين ڊالرن ۾ ملي وڃي ته سٺي ڊيل آهي پر مون سان ٻه ملين ڊالرن ۾ ڊيل ڪئي وئي.

عمر فاروق موجب عمران خان جي دوري دوران سعودي ولي عهد کيس تحفا ڏنا، هن اهي توشا خانا ۾ جمع ڪرايا، پوءِ دبئي کڻي آيو.

خريدار وڌيڪ ٻڌايو ته شهزاد اڪبر رابطو ڪري چيو اسان وٽ گهڙين جو سٺو سيٽ آهي ۽ فرح گوگي دبئي اچي توهان کي گهڙي ڏيکاريندي، فرح منهنجي آفيس آئي ۽ مون کي گهڙيون ڏيکاريائين.

سندس چوڻ هو ته دبئي ۾ ساڍا 7 ملين درهم طور ڪيش ادا ڪئي، اها گراف جي گهڙي هئي، ڪعبي جو ايڊيشن هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.