ڪراچي: انٽر پري انجنيئرنگ جي نتيجن جو اعلان ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ ثانوي تعليمي بورد ڪراچي انٽر پري انجنيئرنگ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نتيجن موجب آدم جي سائنس ڪاليج جي سيد حماد محمود پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته عاقب ميمڻ ۽ عائشا بجيت گڏيل طور ٻي پوزيشن ماڻي آهي.

نتيجن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عثمان فيض ياب خان ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

امتحانن ۾ ڪاميابي جي شرح 58.48 سيڪڙو رهي، 1857 شاگردن اي ون، 2322 شاگردن اي گريڊ، 2914 شاگردن بي ۽ 3844 شاگردن سي گريڊ حاصل ڪيو.

شاگرد پنهنجا نتيجا تعليمي بورڊ جي ويب سائيٽ تي معلوم ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.