سوارا ڀاسڪر جو محبوبا جي لاش جا ٽڪرا ڪندڙ جوابدار کي سخت سزا جو مطالبو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري اداڪارا سوارا ڀاسڪر ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ ڇوڪري کي قتل ڪري ان جي لاش جا پنجٽيهه ٽڪرا ڪرڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي جوابدار کي سخت ترين ۽ مثالي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب شرڌا نالي ڇويهه سالن جي ڇوڪري کي سندس بواءِ فرينڊ قتل ڪري لاش جا پنجٽيهه ٽڪرا ڪري انهن کي مختلف علائقن ۾ اڇلايو هو.

رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جتي ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي پئي وڃي ان موقعي تي اداڪارا سوارا ڀاسڪر به جوابدار کي سخت ترين ۽ مثالي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اداڪارا واقعي بابت لکيو آهي ته افسوسناڪ ڪيس ۾ وحشي پڻي کي بيان ڪرڻ لاءِ به لفظ ناهن.

هن سورڳ واسي ڇوڪري ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پوليس جلد ان ڪيس جي جاچ مڪمل ڪندي ۽ ان بدنصيب جوابدار کي سخت ترين سزا ڏني ويندي جنهن هو هاڻي هو لائق آهي.

واضح رهي ته شرڌا نالي اها ڇوڪري هلندڙ سال جي مئي مهيني کان گم هئي، جنهن جي ڳولا ڪندي پوليس جوابدار وٽ وڃي پهتي آهي.

جنهن کانپوءِ جوابدار ڇوڪري کي قتل ڪري ان جا پنٽيهه ٽڪرا ڪري نئين دهلي جي مختلف جاين تي اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.