ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر، پاڪ-انگلينڊ ٽيسٽ سيريز خطري ۾ پئجي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شيڊول ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ احتجاجي مظاهرن سبب شيڊول ۾ تبديلي جو امڪان آهي، شيڊول ۾ تبديلي لاءِ ٻين آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ سيريز ڪراچي کان شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، سيريز جي ٻي ٽيسٽ ملتان ۽ ٽئين به ڪراچي ۾ ڪرائڻ واري آپشن تي غور ٿي رهيو آهي.

ٻئي پاسي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن شيڊول ۾ تبديلي جو في الحال ڪو فيصلو ناهي ٿيو، پلان بي جو آپشن غور هيٺ ضرور آهي، تمام لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

ياد رهي ته شيڊول موجب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 27 هين نومبر تي اسلام آباد پهچندي، ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ پهرين ڊسمبر کان پنڊي اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ شيڊول آهي، سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ نوَ ڊسمبر کان ملتان ۽ ٽئين 17 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ طئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.