راڻيپور جي صحافي جي مالڪي نه ٿي، ٻچا بکون ڪاٽڻ لڳا

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور جي صحافي نديم شيخ جي ڪنهن به سياسي سماجي اڳواڻن سار نه لڌي برسات سبب صحافي نديم شيخ جو گهر ڪري پيو جنهن سبب سندس ٻچڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن صحافي تنظيمن توڙي چونڊيل نمائندن واهر نه ڪئي نديم شيخ زندگي جا 12 سال صحافت کي ڏنا آهن غريب ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو آهي هن وقت به غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو آواز اٿاري انهن جي مدد ڪري رهيو آهي پر سندس آواز اٿارڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي صحافي تنظيمن چونڊيل نمائندن ۽ برسات متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کي گهرجي سينئر صحافي نديم شيخ کي گهر ٺهرائي ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻچڙن سان پنهنجي گهر ۾ رهي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.