لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 13 گهربل ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪري سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ اشتهاري ۽ روپوش 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان چرس، چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ علي گوهرآباد پوليس چيڪنگ دوران منشيات فروش ڪرم جتوئي کي 1880 گرام چرس سميت، حيدري پوليس لهر ڪالوني مان منشيات فروش عرفان جاگيراڻي کي هڪ ڪلو چرس سميت، علي گوهر آباد پوليس گهربل سهولتڪار پنهل بروهي کي، سول لائين پوليس روپوش جوابدار مجاهد ڏاهاڻي کي، عاقل پوليس روپوش جوابدار رجب ڪورائي کي، دڙي پوليس اشتهاري جوابدار جبار چانڊيو کي ۽ رحمت پور پوليس 7 جوارين عاشق، شاهد، توفيق، گدا حسين، مسعود، ڪاشف ۽ حسين چانڊيو کي 5 هزار روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف دڙي پوليس شهري انيل ڪمار جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.