نئين ڳوٺ ۾ دڪان ٽوڙي 4 چنگچيون چوري، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

نئون ڳوٺ (رپورٽ: شمشاد علي ساھڙ ) نئين ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بدامني امني وڌي ويئي، چوريون روز جو معمول بڻجي ويو، انتظاميا اک نه پٽي، رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو، شيراز منگي ۽ ٻين چيو ته چور رات 4 لک ماليت جا ٻه رڪشا دڪان جا تالا ٽوڙي ڪاھي ويا آهن، دانهون ڪري ٿڪا آهيون، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿي ڪري، ايس ايڇ او پوليس پڪٽون ختم ڪري شهر چورن جي حوالي ڪي ڇڏيو آهي، شھر مان ننڍيو توڙي وڏيو روز چوري ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته پنهنجي شهر ۾ پنهنجي گهرن ۾محفوظ ناهيون. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن کان پڇاڻو ڪري چوري ٿيل چنگچيون واپس پرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.