لنڊن ۾ فيصلن بعد اتحادين جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لنڊن ۾ فيصلا ڪرڻ کان پوءِ اتحادين جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد احمد لکيو ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته ڊڄڻا ۽ ڪرپٽ ماڻهو اڳيان اچي ويا آهن هنن جو حقيقي گادي جو شهر لنڊن آهي. هي صرف پاڪستان مان ڀنگ وٺڻ ايندا آهن. نوازشريف جنهن کي به مقرر ڪيو ان سان جهيڙو ڪيو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته بدعنوان ماڻهو اهم عهدن تي اچي ويا آهن نيب ۾ ڪيس ختم ڪرائيندڙن جي رش لڳل آهي نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو آهي پر کيس ڪلين چٽ ناهي ملي. نوازشريف پنهنجو ڄمڻ ڏينهن ۽ نئين سال جو جشن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ لنڊن ۾ ملهائيندو. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عمران خان جا سڀني سان سٺا لاڳاپا آهن. سعودي بادشاهه ايم بي ايس سان آهي، عوام مهانگائي سبب آپگهات ڪري رهيو آهي. معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ٿي چڪي آهي. احتساب ۽ حساب ختم ناهي ٿيندو 30 نومبر تائين سياست چٽي ظاهر ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.