ڪراچي کي ٻيهر ڏوهارين جو شهر بڻجڻ نه ڏينداسين: ڪامران ٽيسوري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي روشنين جو شهر هو، ان کي ٻيهر ڏوهارين جو شهر بڻجڻ نه ڏينداسين.

نارٿ ناظم آباد ۾ هاڪي اسٽيڊيم جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ۽ بلدياتي ايڊمنسٽريٽر ايم ڪيو ايم جو هوندو، جڏهن ته مڪاني قانونن ۾ ترميمن، تڪبندين جي مطالبي تي عمل ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسان ماڻهن ۾ محبت پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته وڇوٽيون ختم ڪري هم آهنگي پيدا ڪيون، مان جنهن جي در تي وڃي ٿو سگهان وڃي رهيو آهيان.

سندس چوڻ هو ته اسان کي صحت سان گڏ تعليم جي شعبي ۾ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت سان صحت، تعليم جي نون منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

ڪامران ٽيسوري چيو ته وڏي وزير سان گورنر جا سٺا لاڳاپا هجڻ گهرجن، منهنجا در مراد علي شاهه لاءِ سدائين کليل آهن، ڪراچي کي اهڙي شخص جي ضرورت آهي، جيڪو ان جي ڏکن جو خاتمو ڪري سگهي، ڪراچي روشنين جو شهر هو، ان کي ٻيهر ڏوهارين جو شهر بڻجڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته آصف زرداري کان خيريت معلوم ڪرڻ ويو هيس، کيس چيم ته صوبي جي ترقي خاطر مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.