ٻاهرين سازش جي الزامن کانپوءِ پوئتي هٽندڙ عمران خان کي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف، عمران خان جي آمريڪا تي الزامن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا هڪ عالمي طاقت آهي، جنهن سان گذريل 75 سالن کان اسان جا لاڳاپا رهيا آهن، جن ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن پر ان شخص انهن جي دَر تي وڃي الزام هنيو.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته ايوان کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته هڪ شخص 8 مهينن کان گهٽين، بازارن ۾ ٻاهرين سازش جا الزام هڻندو رهيو آهي ۽ ڪالهه انهن الزامن کي ويڙهي ڇڏيو آهي ته ان شخص کي ان جي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته گڏيل حڪومت گذريل 6 مهينن ۾ ڪنهن سياستدان يا سياسي ڪارڪن کي پنهنجي بغض جو نشانو نه بڻايو، نه نيب ڪنهن تي ڪيس ٺاهيو ۽ نه ئي ڪنهن تي مون جيان آرٽيڪل 6 لڳايو ويو، هن ملڪ ۾ اهڙا حادثا به ٿيا آهن ته ان شخص کي ساڍن ٽن سالن تائين اقتدار مليو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ کي گهرائي چوندو هو منهنجي سڀني مخالفن کي اندر ڪيو.

سندس چوڻ هو ته گذريل حڪومت جي ڪابينا جو اهو حال هو ته هڪ لفافو لوڏيو ويو ته منظور ڪيو ۽ پڇا ڪرڻ تي چيو ويو بس منظور ڪيو ۽ اهي 19 ڪروڙ ڊالر ان لائبلٽي اڪائونٽ ۾ هليا ويا، جيڪي سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي زمينن لاءِ ادا ڪيا ويا هئا.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان اڃا تائين نواز شريف سان ڪا مشاورت ناهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.