ٿر جي ماحول کي گدلاڻ کان ڪيئن بچائجي؟

عطا محمد رند

هن وقت دنيا ۾ 2300 جي لڳ ڀڳ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ آھن ، جن مان 620 کن رڳو چين ۾ آھن ۽ 500 کان مٿي آمريڪا ۾ آھن . جيڪي لاڳيتو ماحول کي خراب ڪري رهيا آھن . اهي پلانٽ هلائڻ جي ڪري خاص ڪري بيجنگ جي ڪجهه سال اڳ حالت اها هئي جو گدلاڻ جي ڪري ريڊ الرٽ جاري ڪرڻا پوندا هئا ، دز ۽ دونهين جي ڪري هلڻ مشڪل ٿي پوندو هو. چين ۾ مسلسل ڪوئلو استعمال ٿيڻ ڪري 2011ع ۾ 25 لک ٻار مائرن جي پيٽ ۾ مري وڃڻ جون رپورٽون عام ٿيون .چين تي عالمي تنقيد نيٺ محتاط رهڻ جو عادي بنايو ۽ پوئين سال چين جي صدر وڌيڪ ڪوئلي تي پلانٽ لڳائڻ جي پابندي هڻي ڇڏي آھي . آمريڪا ڪوئلي جي پلانٽن مان سال اندر سراسري طور 3.5 ملين ٽن ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ پيدا ڪري ٿو ۽ اهي پلانٽ 1.7 بلين ٽن ڪاربان خارج ڪن ٿا. ۽ سال ۾ 14 هزار ٽن سلفر ڊاء آڪسائيڊ انهن پلانٽن مان خارج ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري تيزابي ذرڙا، تيزابي بارشون ڏيڻ ، فصل ٻيلا ساڙڻ کان ويندي اهي ذرڙا ڦڦڙن ۾ داخل ٿي دم جي بيمارن جو سبب بنجن ٿا .

سراسري هڪ ڪوئلي جي پلانٽ مان نائٽروجن آڪسائيڊ جو ڏه هزار ٽن مقدار هوا وڃي ٿو . جنهن سان ڦڦڙن جا ٽشو ختم ٿيو وڃن ۽ دم جي مرض ۾ اضافو ٿئي ٿو . انهن پلانٽن مان اڏامندڙ ڪاري ڌوڙ (Clay ash) 500 ٽن هر سال هوا ۾ شامل ٿئي ٿي . انهن پلانٽن مان نڪرندڙ ڪاري دونهين ۾ تمام گهڻو مقدار مرڪيوري جو آھي . جيڪا دل ۽ دماغ جي بيمارين ۾ اضافو ڪري ٿي . 50 سيڪڙو گدلاڻ مرڪيوري جي ڪري ٿئي ٿي . جيڪا زمين ، ڍنڍن ۽ درياهن کي تباه ڪري ڇڏي ٿي . هر سال هڪ پلانٽ سراسري 7 ڪلو مرڪيوري (پارو) هوا ۾ شامل ڪري ٿو. آمريڪا ۾ 500 کان وڌيڪ پلانٽ هلڻ ڪري انهن مان خارج ٿيندڙ مرڪيوري ڪئناڊا جي اترين علائقن وارين ڍنڍن کي آلوده ڪري چڪي آھي . انهن جون مڇون کائڻ تي به بندش آھي .  ڪوئلي جي پلانٽن مان ساليانو 7 سو ٽن ڪاربان مونو آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿو ، جنهن سان مٿي جو سور ۽ رت ۾ آڪسيجن گهٽجي ٿو . ۽ انهي کان سواءِ ٻيا زهريلا مادا جئين ليڊ ، ڪروميم ۽ ارسينڪ به چڱي مقدار ۾ خارج ٿين ٿا. ڪوئلي جي مائننگ تيزابي پاڻي ۽ ميٿين گيس پيدا ڪري ٿي . ميٿين گيس ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڀيٽ ۾ 23 دفعا وڌيڪ خطرناڪ آھي . هڪ اندازي مطابق هڪ پلانٽ مان گهٽ ۾ گهٽ ساليانو 560 ملين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيندو آھي . جنهن ڪري گرمي پد وڌي ٿو ۽ اوزون ليئر جيڪو سج جي خطرناڪ ڪرڻن کي جيڪي انسان جي زندگي لاءِ  نقصانڪار آھن انهن کي روڪي ٿو . جنهن ڪري گرمي پد تي به ڪنٽرول رهي ٿو . پر ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌڻ ڪري اوزون ليئر جي بناوٽ ۾ تبديلين جي ڪري سج جي خطرناڪ ڪرڻن جو سڌو اثر زمين تي پوي ٿو. انهي لاءِ  گرمي پد وڌي ٿو .

هن وقت دنيا ۾ 1.1 ڊگري سينٽي گريڊ جي واڌ ٿي چڪي آھي . پر اسان وٽ 1.5 سينٽي گريڊ کان به وڌيڪ گرمي وڌي آھي . سائنسدانن مطابق اهو گرمي پد 1.7 کان 1.8 ڊگري تائين وڌندو  ته سڄي دنيا جي ماڻھن کي موتمار گرمي ۽ حبس کي منهن ڏيڻو پوندو . هن وقت موسم جي تبديلي جو اثر کي وڌيڪ آفريڪا منهن ڏئي رهيو آھي .

جتي برساتون نه پوڻ ڪري فصل ۽ وڻ سڪڻ ڪري هڪ ڪروڙ ستر لک ماڻھو خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن. هن وقت ماحول جي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ  مصر ۾ ڪوپ 27 ڪانفرنس ۾ 197 ملڪ شريڪ ٿي رهيا آھن. جيڪا 9 نومبر کان 18 نومبر تائين هلندي . جنهن ۾ ماحول جي گدلاڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد کي روڪڻ جون تدبيرون پيش ڪيون وينديون ۽ ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ  شامل ملڪن کي پابند ڪيو ويندو .دنيا ۾ هن وقت ڪوئلي تي هلندڙ ڪافي پلانٽ ماحول جي خراب اثر ڪري بند ڪيا ويا آھن . پر پاڪستان کي ڏسون ٿا ته ڪوئلي تي ڪم ئي هاڻي شروع ٿيو آھي .

هن وقت پاڪستان ٿر جي ڪوئلي مان اندازن 1000 ميگاواٽ ٻن پلانٽن مان وٺي رهيو آھي . اڳين سال ٽي ٻيا پلانٽ ھلائي 2640 ميگاواٽ بجلي ڪوئلي مان حاصل ڪندو.  اهي پلانٽ ٿر جي صاف سٿري ۽ گدلاڻ کان پاڪ ماحول ۾ لڳايا ويا آھن . اهي پاور پلانٽ ٿر جي ماحول کي ڪيترو خراب ڪندا ، ان پاسي ڪنهن جي به نظر نٿي وڃي . انهن پلانٽن مان نڪرندڙ دز ، دونهون ۽ زهريلا مادا زمين ، پاڻي ، فضا ، فصلن ، ٻيلن ، گرمي پد وڌڻ ، برساتون گهٽ پوڻ ، جانورن ، پکين ۽ انسانن جي صحت تي خراب اثر وجهندا.  ان لاءِ  ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آھن . ان لاءِ  ضروري آھي ته زمين تي گرين بيلٽ تيار ڪجن ، کاڻين مان نڪرندڙ جر جي پاڻي کي آس پاس ننڍن ننڍن تلائن ۾ ڇڏي ان کي ٻاڦ ٿيڻ ۽ زمينن کي خراب ٿيڻ کان بچڻ لاءِ  زرعي ۽ صنعتي مقصدن لاءِ  استعمال ڪرڻ ،

انهي پاڻي کي کاڻين ۽پلانٽن مان نڪرندڙ دز ۽ ٻاهر ڊمپ ڪيل واري کي هوا سان اڏامڻ کان بچائڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ، جديد طريقن سان وڻ پوکڻ، سلفر کي گهٽائڻ لاءِ  ڪلشيم ڪلورائيڊ استعمال ڪرڻ ، چمنين مان پاڻي جا اسپري ۽ ڇاڻڻيون لڳائڻ ته جئين اڻ سڙندڙ ذرا فضا ۾ نه اڏامن ۽ پلانٽن مان نڪرندڙ زهريلي پاڻي کي ٽريٽ ڪري وري استعمال لائق بنائڻ ۽ ڪوئلي جي بچيل رک کي صنعتن ۾ استعمال ڪرڻ يا ان کي پراپر ڊمپ ڪرڻ ته جئين ان جا ذرا هوا ۾ نه اڏامي سگهن ۽ ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ  ڪمپني ۽ گورنمينٽ کي هڪ ٽيم تشڪيل ڏيڻ جيڪا ماحول تي پوندڙ اثرن کي هر وقت ڪنٽرول ڪندي رهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.