اسٽاڪ ايڪسچينج، فوجي فائونڊيشن ترقي ۾ رنڊڪ، حقن لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ+ مهدي بلوچ)معاشي ماهرن، تعليمدانن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ تجزئي نگارن چيو آهي ته پاڪستان جمهوري ۽ سيڪيولر رياست بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، ملڪ ۾ ڪجهه خاندان عوام جو رت چوسي رهيا آهن، هاڻي عوام کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻ سان گڏ بغاوت جو نعرو بلند ڪرڻو پوندو، اهڙو اظهار ڪالهه عوامي حقوق طرفان شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ سيڪيورٽي اسٽيٽ ۽ موجوده صورتحال بابت ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، معاشي ماهر قيصر بنگالي سيمينار کي خطاب ڪندي چيوته 7 شعبن معشيت کي مفلوج ڪيو آهي، جنهن ۾ شگر انڊسٽري، امپورٽ، اسٽاڪ ايڪسچينج، پراپرٽي مارڪيٽ، فوجي فائونڊيشن، عسڪري بينڪ  ۽ ٻين ادارن عوام جو خون چوسيو آهي. ريئل اسٽيٽ، امپورٽ سميت 7 شعبن معشيت کي مفلوج ڪيو، فوجي ويلفيئر تنظيمون ملڪ کي ڏڪار طرف وٺي وڃن پيون، ماڻهن کي روزگار نه پيو ملي. اهي ادارا ڪجهه خاندان هلائين پيا، هن چيو ته سوشلزم تي ڪم ڪرڻو پوندو، وسيلا گڏجي کائڻ جوفن هجڻ گهرجي، زمين، پاڻي، هوا ۽ روشني ڪنهن جي به ملڪيت نه آهن، ان ڪري هاڻي معاشي انصاف جو نعرو لڳائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عوام کي پنهنجا حق وٺڻا پوندا اهي پاڻ ئي نه ملندا ان لاءِ روڊن تي نڪري بغاوت ڪرڻي پوندي،  تجزئي نگار مظهر عباس چيو ته حسن ناصر کي ڇو ماريو ويو اهو هڪ سوال آهي، حسن ناصر جي شهادت بعد صحافين، اديبن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن گيٽ نمبر 4 طرف ڊوڙ ڪئي، هن چيو ته ٽريڊ يونين ۾ به تبديلي نه آندي وئي، صحافين جون تنظيمون به ورهائجي ويون، هن چيو ته کاٻي ڌر جي سڀني ڌرين کي گڏجڻو پوندو، تڏهن وڃي نتيجا حاصل ٿي سگهندا، اين جي اوز تحريڪن کي روڊن تان بند ڪمرن ۾ آڻي ڇڏيوآهي، ان جو نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته حسن ناصر جي سيڪيورٽي اسٽيٽ کي چئلنج ڪرڻ واري نظرئي کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاريخدان ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر جعفراحمد چيو ته اسان تاريخ کي وسارڻ واري قوم بڻجي وياآهيون، پر هي پروگرام ان قوم  کي جاڳائڻ وارو پروگرام آهي، هن چيوته سندس خيال ۾ حسن ناصر رياستي جبر جو پهريون شهيد نه ان کان اڳ ڍاڪا يونيورسٽي جا شاگرد شهيد ڪيا ڪيا ان کانسواءِ ٻئي واقعي ۾ 150 ماڻهو شهيد ٿي ويا، انهن واقعن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جمهوري ۽ سيڪيولر بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، سياسي پارٽيون رياستي ادارن جي پٺڀرائي سان اڳتي اچن ٿيون، ملڪ جي آزادي  وقت  سول ملٽري بيورو ڪريسي ملڪ کي هلائڻ جوفيصلوڪيو، جنهن تي اڄ تائين عمل ٿي رهيو آهي. سيمينار کي عوامي حقوق جي اڳواڻ پروفيسر توصيف، سماجي اڳواڻ مهناز الرحمان، عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻين چيو ته هاڻي ظالم جي ظلم ڪرڻ جا طريقا تبديل ٿي ويا آهن، هاڻي پراڻن نعرن مان نڪري حق حاصل ڪرڻ لاءِ نئون نعرو لڳائڻ سان گڏ حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٺهيل آئين موجب عوام لاءِ حق ملڻ گهرجن ان لاءِ عوامي حقن جو بنياد وڌو آهي، عوامي حقن ۾ هر تنظيم جو ماڻهو ڪم ڪري سگهي ٿو ته جيئن پاڪستان جي مجبور، غريب، مسڪين ۽ اٻوجھ ماڻهن کي حق ملي سگهي. مهناز رحمان چيو ته اسين حسن ناصر جي سوچ تي هلڻ لاءِ تيار آهيون، جبار خٽڪ ۽ حميده گهانگهرو جي مهرباني جنهن هن پروگرام ذريعي سڀني کي گڏ ڪيو. اڄ جيڪڏهن حسن ناصر هجي ها ته هلندڙ مسئلن تي ڳالهائي ها. ڊاڪٽر توصيف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن پروگرام ذريعي اسين ياد تازي ڪئي آهي، ڪنهن پروگرام منعقد ڪرڻ سان پيغام نه پهچي سگهي ته اهو پروگرام ڪنهن فائدي جو ناهي ان لاءِ هن تقريب ذريعي نوجوانن کي سکڻ لاءِ ڪجهه مليو. ڪوشش ڪنداسين ته اهڙيون تقريبون وڌيڪ ڪوٺايون وڃن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.