ڪراچي ۾18 پوليس مقابلا، فائرنگ ۾5 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ ڏوهن خلاف ڪارروائي دوران ضلعي پوليس جا 18 مقابلا ٿيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿيلن سميت 24 ڦورو گرفتار،27 مختلف قسمن جا غير قانونيهٿيار، 10 موٽرسائيڪلون ۽ 13 موبائل هٿ ڪيا ويا. گرفتار جوابدار وٽان فون هٿ ڪيا ويا. جڏهن ته هٿ آيل هٿيارن کي فارنزڪ لاءِ موڪليو ويو. ڪراچي پوليس ترجمان موجب پوليس گذريل هفتي ڪراچي جي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ زونز ۾ ڪارروايون ڪري 1054 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.پوليس پاران منشيات خلاف هلندڙ مهم دوران مختلف علائقن مان 73 ڪلو 883 گرام چرس، 994 گرام هيروئن ۽ 01 ڪلو 154 گرام آئس هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن دوران لکين روپين جي ماليت جو مختلف علائقن ۾ ڪارروايون جاري آهن.گرفتار اسٽريٽ ڪرمنلز وٽان شهرين کان ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 148 کان وڌيڪ قسم جا غير قانوني هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. ضلعي سينٽرل پوليس گلبرگ ٿاڻي جي علائقي ۾ واقع هڪ خانگي بنگلي ۾ ڦر جي ارادي سان آيل جوابدارن جو پوليس سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سلور ڪرولا گينگ جا 3 جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويا. ضلعي سينٽرل پوليس اسٽيشن شاهراهه نورجهان پوليس بين الصوبائي رڪشا لفٽر گينگ خلاف ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي قبضي مان 8 رڪشا، 12 رڪشا انجڻ، 7 رڪشا باڊي ، روڪ رقم ، 3 موبائيل فون ۽ 30 بور 3 پستول لوڊ ميگزين هٿ ڪري ورتا آهن.ڪياماڙي ٿاڻي جي موچڪو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران 700 ڪچي شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون . ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي هڪ گاڏي 75 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن . ڪراچي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪارروايون جاري رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.