ميهڙويجهو ٻوڏ متاثرن جي مالڪي نه ٿي، احتجاج، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جو چتاءٌ

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ جي يونين ڪائونسل قاضي عارف جي ڳوٺ ولي محمد پنھور جي رھواسين ٻوڏ متاثرين ممتاز چانڊيو،علي گل ڀٽي،حافظ محمد حيات چانڊيو،غلام شبير چانڊيو،مسمات زرينه ، اشفاق چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري واھر نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب اسان جي ڳوٺ جي تمام وڏي تباھي ٿي آھي اسان جي ڳوٺ جون 300 کان وڌيڪ جڳھيون ڪري پيون ۽ 3 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا مال مويشي مري ويو فصل تباه ٿي ويو آھي پر ھن وقت تائين اسان جي ڪا به واھر نه ٿي سگھي آھي ھنن چيو ته علائقي جا وڏيرا توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندا تعلقه ۽ ضلع انتظاميه اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رھيا آھن اسان جي ڳوٺ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي ۽ سروي به من پسند ماڻھن جي ڪئي وڃي ٿي جيڪو سراسر ظلم آھي ۽ ڳوٺ مان ھن وقت تائين مڪمل پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي جنھن سبب بيماريون فھلجي ويون آھن صحت کاتي پاران به ڪي اپاءَ نه ورتا ويا آھن ھنن چتاء ڏيندي چيو ته 3 ڏينھن اندر واھر نه ڪئي وئي ته انڊ س هاءِ وي  روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪيو ويندو جيستائين اسان جي واھر نه ڪئي ويندي ھي احتجاج جاري رھندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.