تنگواڻي ۾ مليريا بي قابو، هڪ ڏينهن ۾ ٻن ٻارڙين دم ڏئي ڇڏيو

تنگواڻي(رپورٽ:مھتاب ملڪ) تنگواڻي ۾ مليريا وگهي هڪ ئي ڏينهن2 معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون،ڳوٺ محمّود کوسو رهواسي 6 سالن جي نازيا ڌيءُ عبدالطيف ملڪ ۽ ڳوٺ ٻانهون نندواڻي رهواسي ست مهينن جي معصوم ٻارڙي شبيران ڌيءُ عمران نندواڻي فوت ٿي وئي ،برسات متاثرن جي فوتگين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو،معصوم ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي ناهين سگهيو، هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي جپ نيڪال نه ٿيو،،مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا سوين ٻارڙا اسپتال ۾ داخل آهن، آر ايڇ سي سميت ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ اينٽي مليريا دوائون مهيا نه هجڻ سبب متاثرن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، شهر سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڇرمار اسپري به نه ٿي سگهي، رهواسين مطالبوڪيوويو ته پاڻي نيڪال ڪرائي مڇرمار اسپري ۽ طبي سهولتون فراهم ڪري ضايع ٿيندڙ معصوم قيمتي جانيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.