آريجن واسي ارڙي وگهي معصوم ٻارڙو فوت

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ قلندرآباد واسي پورهيت عبدالله بروهي جو 5 سالا پٽ مدثر علي بروهي ڪجهه عرصو ارڙي  جي بيماري ۾مبتلا رهڻ بعد گذريل رات لاڙڪاڻو جي سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻارڙي جو مڙھ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جنهن بعد ٻارڙي جي مڙهه کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن تڏي تي سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ فوتي ٻارڙي جي پيءُ پورهيت عبدالله بروهي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ مدثر ڪافي ڏينهن کان ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا هو ، جنهن جو هتي جي مقامي اسپتالن ۾ گهڻو ئي علاج ڪرايو پر سندس جي طبيعت ۾ ڪو به سڌارو نه آيو ۽ بعد ۾ سندس کي لاڙڪاڻي جي نجي توڙي سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ بعد هو فوت ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.