مانجهند واسي نوجوان هالا ويجهو حادثي ۾ فوت، ٻيو زخمي

مانجهند (ن ع آ) هالا ڀرسان ٻاروچا باغ وٽ قومي شاهراه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 21 ورهين جو مانجهند واسي نوجوان سهراب علي پٽ محمد صالح ڳنڀير موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ت سندس هڪ عزيز دمشاد ڳنڀير سخت زخمي ٿي پيو فوتي ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال هالا منتقل ڪيو ويو جڏھن ت زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هوڏانهن نوجوان جي فوتگي جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين لاش کي مانجهند منتقل ڪيو پئي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.