ڪوٽڏيجي پوليس دڪاندار مٿان منشيات جو ڪيس هڻي ڇڏيو، احتجاج

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي پوليس جو ڪوٽبنگلو شھر مان دڪاندار خان محمد مهراڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وڃي مٿس منشيات جو وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڪوٽڏيجي پوليس جي اهڙي رويي خلاف شهرين ۽ سندس وارثن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس بي گناهه خان محمد مهراڻي کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪا ڪوٽڏيجي پوليس جي ناجائزي آهي جيڪي سريعام منشيات وڪرو ڪن ٿا پوليس انهن کي گرفتار نه ٿي ڪري رڳو شريف شهرين کي تنگ ڪري رهي آهي اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته منشيات ڪٿان وڪرو ڪنداسين خبر ناهي پوليس ڪنهن جي وانگار وهي رهي آهي ڀلي انڪوائري ڪرائي وئي اگر خان محمد مٿان 10 سالن کان وٺي هن وقت تائين ڪا نشي واري سوپاري دڪان ۾ ثابت ٿي ته اسان ڏوهي هونداسين اسان ايس ايڇ او غلام محمد بوزدار سان مليا آهيو جيڪو چوي ٿو ڪامران وساڻ سان ملي مسئلو حل ڪرايو گرفتار نوجوان جي وارثن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ون فاء انچارج ڪامران وساڻ نوجوان جي آزادي لاءِ 30 هزار گهريا جيڪي نه ڏيڻ تي هن منشيات جو ڪيس داخل ڪيو آهي  هنن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بي گناهه گرفتار خان محمد مهراڻي مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جي شفاف نموني جاچ ڪري انصاف ڏئي آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.