ڪامريڊ حسن ناصر ڏتڙيل طبقي جي حقن لاءِ جدو جهد ڪئي: امداد قاَضي

حيدرآباد(رپورٽر) 13 نومبر پاڪستان جي تاريخ جو اھم ڏينھن آھي، ان ڏينھن تي ملڪ جي اھم اڳواڻ ڪامريڊ حسن ناصر کي لاھور جي  بدنام شاھي قلعي ۾ تشدد ڪري شھيد ڪري سندس لاش غائب ڪيو ويو. ھي جبري، گمشدگي ۽ بنا ڪنھن ٽرائل جي قتل ڪرڻ وارو پھريون واقعو ھيو، ڪامريڊ حسن ناصر ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ عملن سيڪريٽري جنرل ھئو. ھن جو تعلق حيدرآباد دکن جي شاھي گھراڻي سان ھو پر ھن کي ڪارل مارڪس جي فلسفي ۽ روس ۾ انقلاب ذريعي قائم ٿيڻ واري سوشلسٽ رياست ۽ ان جي ليڊر ڪامريڊ لينن جي نظريي ۽ عمل ايڏو ته متاثر ڪيو جو ھن پنھنجي طبقاتي حيثيت جي برخلاف ٿي ڪري پيڙھيل پورھيت طبقي، ڏتڙيل ھارين جي غربت مان نجات لاءِ جدوجھد جي ڏکئي رستي جي چونڊ ڪئي. ان فلسفي جي تعليم مان ھن سمجھي ورتو ھيو ته دولت پيدا ڪرڻ جا وسيلا ته انھن وٽ آھن، جيڪي مورڳو محنت ئي نه پيا ڪن. تنھنڪري غير ملڪي ۽ انھن جي لٽيرن کان نجات حاصل ڪئي وڃي، اقتدار اڪثريتي عوامي نمائندن وٽ ھجڻ گھرجي، ان ڏوهه ۾ ان وقت جي حڪمران جنرل ايوب ھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. اھي ڳالھيون پاپولر ليفٽ الائينس جي ڪنوينر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي پارٽ سيڪريٽريٽ نسيم ننگر تي ڪامريڊ حسن ناصر جي ياد ۾ گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيون. هن چيو ته ان ڏينھن کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پاڪستان جو اقتدار اعليٰ آمريڪي سامراج ۽ ان جي وردي و بي وردي پوش آفيسر شاھي ۽ جاگيردار، سرمائيدار جي قبضي ھيٺ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.