آءِ اي اي اي جي اعليٰ اختيارين جو ايٽمي معاملن تي ڳالهين لاءِ هن ئي مهيني ايران وڃڻ جو فيصلو

برسلز (اي پي پي) گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي جي حوالي سان نگران اداري آءِ اي اي اي چيو آهي ته هن جا اعليٰ عملدار هلندڙ مهيني ايران جو دورو ۽ مقامي عملدارن سان جوهري توانائي بابت ڳالهيون  ڪندا. جاپاني خابرو اداري آءِ اي اي اي جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته هن جي اعليٰ عملدار نومبر جي آخر تائين ايران جو دورو ڪندا جنهن ۾ ملڪ جي ايٽمي مسئلن جي وضاحت ڪرڻ جي اميد آهي، اداري جو چوڻ آهي ته 22 آڪٽوبر تائين ايران وٽ تقريبن 62.3 ڪلوگرام اهڙو يورينيم موجود هو جيڪو 60 سيڪڙو تائين افزوده آهي جڏهن ته 2015ع جو ايٽمي معاهدو افزدوگي جي مٿين حد 3.67 سيڪڙو مقرر ڪري ٿو، ايجنسي ان معاملي تي ڳالهين لاءِ سينئر عملدارن کي تهران موڪليندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.