قومي ڪارڪن رستم شر کي آزاد ڪريو، پِڊعيدن ۾ احتجاج

پڊعيدن ( ن ع آ ) پڊعيدن قومي ڪارڪن رستم شر جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي، ان  موقعي تي اڳواڻن الطاف انصاري،  سھيل ڍلو،  غلام مرتضيٰ شر،  غلام مجتبي شر،  ماجد شر، عبدالمنان شر ۽ ٻين  ٻڌايو ته 28 ڏينھن اڳ رستم شر کي مبينه کنڀي گم ڪرڻ خلاف مسلسل احتجاج ڪيون پيا اڄ مجبور ٿي علامتي بک ھڙتال ڪئمپ قائم  آھي، ڪيترائي ڏينھن گذرڻ باوجود رستم شر کي ظاھر نه پيو ڪيو وڃي، ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته رستم شر ڪيسن مان بري ٿيل آھي، پر ھن کي ظاھر نه پيو ڪيو وڃي ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور رستم شر کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.