چوري جي الزام ۾ گرفتار جوابدار ڇوڪري نڪتو !

ملتان (ويب ڊيسڪ) جاچ دوران ملتان ۾ چوري جي الزام ۾ گرفتار جوابدار ڇوڪريءَ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پوليس موجب خانيوال روڊ تي دڪان مان رقم چوري ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کي ڪالهه عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جوابدار عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن ڪجهه سال اڳ جنس تبديل ڪئي، پهرين نالو خالد هو پوءِ پنهنجو نالو مٽائي ثمينه رکيو.

سڃاڻپ ڪارڊ تي نالو درست نه ڪرايو جڏهن ته جنس تبديل ٿيڻ بعد کيس زال ڇڏي وئي.

عدالت جوابدار جي جنس معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جيل منتقل ڪري الڳ بيرڪ ۾ رکيو ويو آهي.

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو چوري سميت ڪنهن به ڏوهه جو اڳوڻو رڪارڊ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.