ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي شڪست تي وزيراعظم جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي ڪپ جي فائنل جي شڪست تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

انگلينڊ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ گرين شرٽس کي هارائي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي عالمي چيمپيئن بڻجي ويو آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيم پاڪستان محنت ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو.

هن چيوته پاڪستان فائنل ۾ شاندار بالنگ ڪئي پر انگلينڊ تمام بهترين ڪرڪيٽ کيڏي، ميگا ٽورنامينٽ ۾ فائنل ميچ تائين پهچڻ تي گرين شرٽ تي فخر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.