ناظم جوکيو جي ٻچڙن لاءِ ديت جي رقم عدالت ۾ جمع

ملير (ڊ ر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾مقتول جي وارثن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس 6 ساٿين سان صلح بعد جوابدارن ديت جي رقم 30 لک 58 هزار 955 رپيا چيڪ جي صورت ۾ملير جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناظر اهڙي آگاهي عدالت کي ڏني، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪيس جي مُک جوابدار ڄام اويس گهرام کي ڪالهه به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. ياد رهي ته مقتول جي بيواهه شيرين جوکيو پنهنجي چئن ٻارن لاءِ ديت جو مطالبو ڪيو هو، جنهن بعد جوابدارن طرفان عدالت ۾ رقم جمع ڪرائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.