قمبر جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جو عدالتي نوٽيس

قمبر (ت ر) قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پرائمري ۽ سڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جو ازخد نوٽيس ورتو، سيشن جج زاهد  حسين ميتلي تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر ڊي او پرائمري ۽ ڊي او سڪينڊري کي ٽن ڏينهن ۾ طلب ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ ڪامورن کي پابند بڻائي سموري ضلعي اندر استادن جي کوٽ ۽ ايس اين اي جو رڪارڊ درست نموني مرتب ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.