آرمي چيف جي مقرري نه ٿيڻ جو ڪارڻ عمران خان نه آصف زرداري نڪتو!

 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڻ به چئي چڪو آهي ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه وٺندو، جڏهن ته فوج جو ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار به واڌ نه وٺڻ جي فيصلي جي واضح لفظن ۾ وضاحت ڪري چڪو آهي.

هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا الوداعي ملاقاتن جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پر نئين آرمي چيف جي نامزدگي اڃا تائين ناهي ٿي سگهي ۽ ملڪ ۾ آرمي چيف جي مقرري هڪ وڏو موضوع بڻجي ويو آهي.

آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ۽ مقرري جي حوالي سان مختلف قسمن جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن پر هاڻ ذريعن اها دعويٰ به ڪئي آهي ته اصل مسئلو نواز شريف ۽ آصف زرداري ۾ اتفاق نه ٿيڻ آهي!

ذريعن موجب ن ليگ قائد نواز شريف جو موقف آهي ته منهنجو تجربو اهو ٿو چئي ته آرمي چيف بس آرمي چيف هوندو آهي، اهو اسان جو يا ڪنهن ٻئي جو ناهي هوندو، تنهن ڪري موسٽ سينيئر کي مقرر ڪرڻ گهرجي.

پر اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ان تي اتفاق نٿو ڪري.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پنهنجي تجربي موجب چئي ٿو ته آرمي چيف پنهنجو به هوندو آهي ۽ مان جنرل ڪياني سان تمام سٺو وقت گذاريو آهي.

ذريعن موجب اصل مسئلو اهو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جو اڃا تائين نالي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو، تنهن ڪري نواز شريف هاڻ معاملو سڀني اتحادين سان رکڻ جو چيو آهي، هن شهباز شريف کي چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سڀني جماعتن سان مشاورت ذريعي نالو فائنل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.