شاهنواز ڏاهاڻي جي ورلڊ ڪپ ٽرافيءَ سان تصوير وائرل

 

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي ورلڊ ڪپ ٽرافي سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل سڀاڻي ميلبورن ۾ کيڏيو ويندو، ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندي.

ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ ماڻهو اڳڪٿيون ڪري رهيا ته ڪير فاتح ٿيندو پر فاتح جي فيصلي کان اڳ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي ٽرافيءَ سان گڏ تصوير وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي سٺي موٽ ملي رهي آهي.

تصوير ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ٽيم جي ٻين رانديگرن سان گڏ ٽرافي کڻي بيٺل آهي ۽ سڀئي خوش نظر اچي رهيا آهن، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدار به چئي رهيا آهن ته ٽرافي پاڪستان جي ئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.