پنهنجي پسند جو آرمي چيف لڳائڻ جي ڪا سوچ ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري خالص ميرٽ تي ٿيندي، 29 نومبر کان اڳ نئين آرمي چيف جي مقرري جو اعلان ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پنهنجي پسند جو آرمي چيف لڳائڻ جي ڪا سوچ ناهي، هن چيو ته ڀٽي جنرل ضياءُ الحق کي آرمي چيف لڳايو، کيس ڪهڙو فائدو پيو ، نواز شريف مشرف کي مقرر ڪيو، ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟  . هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته آرمي چيف لڳائي فائدا وٺون. احسن اقبال چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا کي نواز شريف لڳايو. اها مقرري عمران خان کي پسند آئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.