ماستري ٽيسٽ پاس اميدوار کي 14 گريڊ جي اسسٽنٽ جو آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو (رپورٽ:مرتضيٰ ڪلهوڙو) تعليم کاتي جي سيڪريٽري مبينا طور شاهي حڪم جاري ڪندي چٽاڀيٽي امتحانن جي بغير تعليم کاتي ۾ ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار کي 14 گريڊ جي اسسٽنٽ جو آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري کي حڪم ڏيندي ليٽر اماڻي ڇڏيو، آپڪا اهڙي عمل کي غيرقانوني قرار ڏيندي تعليم کاتي جي عملدارن کي خط لکي آرڊر جاري ڪرڻ واري معاملي کي لاڳاپيل فورم ۾ چئلينج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر  ۾ جونيئر ايليمينٽري جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ڏئي ڪامياب اميدوار اسدالله پٽ ڄام خان چانڊيو کي پابندي باوجود تعليم کاتي ۾ ماستري بجاءِ 14 گريڊ ۾ اسسٽنٽ لاءِ پوسٽنگ آرڊر جاري ڪرڻ بابت تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري طرفان ڊائريڪٽر ايليمينٽري ۽ سيڪندري لاڙڪاڻو کي ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل اميدوار تعليم کاتي ۾ پڙهائي نه ٿو سگهي، جنهن کان انٽرويو به ورتو ويو آهي تنهن ڪري کيس گهربل گهرجون پوريون ڪري 14 گريڊ جي اسسٽنٽ جي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيو وڃي. هوڏانهن آپڪا تعليم کاتي جي صدر رفيق احمد جتوئي طرفان سيڪريٽري تعليم جي اهڙي عمل کي غيرقانوني قرار ڏيندي ڊائريڪٽر اسڪولس ايليمينٽري اينڊ هائير سيڪندري ۽ پرائمري کي خط لکي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهڙو عمل غيرقانوني آهي بجيٽ بوڪ واليوم ٿري موجب اسسٽنٽ جي پوسٽ 16 هين گريڊ جي آهي ۽ اسسٽنٽ جي پوسٽن تي ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ئي ممڪن آهي تنهن ڪري 14 هين گريڊ جي اسسٽنٽ جي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ لاڳاپيل فورم ۾ اهڙي عمل کي چئلينج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.