مٽياري جي شگرمل ڪمند جي پيڙائي شروع ڪري ڇڏي

مٽياري (رپورٽ نعمان خاصخيلي) مٽياري شگرمل ڪمند جي پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آهي ڪمند پيڙائي جو باقاعدہ افتتاح سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد شفقت شاھ ڄاموٽ ڪيو اھڙي طرح مٽياري شگرمل سنڌ ۾ سڀ کان پھرين ڪمند پيڙائي ڪندڙ شگرمل بڻجي وئي افتتاحي تقريب جي موقعي تي مٽياري شگرمل جي جنرل مئنيجر سيد جنيد اڪبر شاھ جو چوڻ ھو تہ مٽياري شگرمل ھر سال بنا ڪنھن دير جي پنھنجي مقرر وقت تي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪندي آهي اسان ھر سال تقريبن سوا ڪروڙ مڻ ڪمند جي پيڙائي ڪندا آھيون پر ھن سال برساتن سبب فصلن جي نقصان سبب شايد ڪمند جي پيداوار شايد گھٽ ٿئي.

  • حيدرآباد ۾ 50 عورتن پاران سنڌياڻي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان

حيدرآباد ( پ ر ) حيدرآباد شھر جي علائقي پڪي قلعي ڀرسان جاني شاھ پاڙو ٽيون  نمبر تلاءُ جي پنجاھ کان مٿي عورتن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي جدوجھد کان متاثر ٿي سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي ۽ ٻين خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو ويو. جاني شاھ پاڙي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو يونٽ کوليو ويو جنھن جي صدر رضيه ممتاز جنرل سيڪريٽري: حميرا اختر کي چونڊيو ويو ۽ ميمبرن ۾ زرينا بلوچ، فتح خاتون، زاھده ميمڻ ۽ ٻين کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورت پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ کيس مڪمل آزادي سان گڏوگڏ مردن جيترا حق نه مليا آهن.

  • عثمان شاهه هڙي ڀرسان ڇاپو، جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ) جي عمرساند پوليس جي وڏي ڪاروائي ايس ايڇ او عمرساند منظور جمالي جي آڳواڻي ۾ پوليس جي  وڏي اٽالن سان گڏجي رات دير سان سان ٽنڊوسومرو ۾ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ منشيات ھٿ ڪري ورتي جهن۾ گهٽڪي ۽ مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاريون ۽ ڪيميڪل هٿ ڪري ورتو جنهن جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي پئي وڃي ايس ايڇ او ٻڌايو ته عمرساند پوليس رات دير سان ٽنڊوسومرو ۾ زاهد شورو جي گهر تي ڇاپو هڻي زاهد شورو کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي جنهن ۾ گهٽڪو مائو هٿ ڪري ورتو آهي اخري اطلاع تائين عمرساند پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.