ڪنڌڪوٽ مان 8 ڏينهن اڳ گُم ٿيل نينگر هٿ نه آيو، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ مان 8 ڏينهن اڳ گُم ٿيل نينگر هٿ نه آيو، نينگر جي ڳولا لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ  نور حسن بھلڪاڻي واسين محمد علي بھلڪاڻي، محمد الياس بھلڪاڻي دانھيدي چيو ته 8 ڏينهن اڳ پنھنجي ڀائٽي 12 سالن جي نادر علي بھلڪاڻي کي شھر ۾ 5 سو روپيا ڏنا، ته گھر لاءِ سبزي وٺي اچ پر ڪجھه ٽائيم جي انتظار ڪرڻ کانپوءِ نينگر نادر علي بھلڪاڻي گم ٿي ويو ۽ گھڻي ڳولا ڪرڻ جي باوجود ھٿ نه اچي سگهيو آهي، ھن چيو ته اھڙي رپورٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو آهي،  هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.