سوشل ميڊيا وڌيڪ استعمال ڪرڻ تان مڙس هٿان زال گھٽا ڏئي قتل

سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ تان بي رحم مڙس پنهنجي گھر واري کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست تامل ناڊو جي ضلعي تروپور ۾ آچر واري ڏينهن مڙس پنهنجي گھر واري کي گھٽا ڏئي ماري ڇڏيو.

رپورٽن موجب 38ورهين جو مڙس پنهنجي گھر واري جي هر وقت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ريلز ٺاهي اپلوڊ ڪرڻ کان گھڻو تنگ هيو.

عورت هڪ گارمينٽس فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ کيس ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي پوسٽ رليز ڪرڻ جي عادت هئي. مڙس ۽ زال وچ ۾ سوشل ميڊيا تي هر وقت پوسٽ جاري ڪرڻ تان جھيڙو ٿيو.

ڀارتي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا تي وڌيڪ فالورز حاصل ڪرڻ کانپوءِ عورت اداڪاري جي شعبي ۾ قدم رکڻ لاءِ گھر ڇڏي چنئي هلي وئي هئي.

پر ڪجهه ڏينهن اڳ هو پنهنجي ڌي جي شادي ۾ شرڪت لاءِ گھر آئي ۽ تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ٻيهر چنئي وڃي رهي هئي ته مڙس کيس روڪيو ته ٻنهي ۾ ٻيهر جيهڙو ٿي پيو.

رپورٽن موجب مڙس پنهنجي گھر واري جي سوشل ميڊيا تي پوسٽ رليز ڪرڻ ۽ پوءِ اداڪاري ڪرڻ جي فيصلي کان تنگ هيو جنهن ڪري هن ڪاوڙ ۾ اچي چادر جي مدد سان گھر واري کي گھٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو.

عورت جي ڌيءُ کي ماءُ سان پيش ايندڙ واقعي جو اطلاع مليو ته هن پوليس کي ڄاڻ ڏني، جنهن کانپوءِ ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.