ميرپوربٺوري ۾ شهرين جو صفائي سٿرائي ۽ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ميرپوربٺوري ۾ شهرين طرفان صفائي سٿرائي ۽ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهرين رياض ۽ نور حسن شيدي جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ٽائون انتطاميا ڪروڙين رپين جي بجيٽ شهر تي خرچ ڪرڻ بدران هڙپ پئي ڪري، جنهن ڪري شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.

هنن چيو ته گندگي سبب مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، شهري مليريا ۽ ٻين چمڙين جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر انتظاميا کي ماڻهن جي ڪا به پرواهي ناهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ سوڌو صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.