ٽاپ جون رقاصائون نورا فتيحي ۽ نڪي مناج گڏ پرفارم ڪنديون

دوحا: (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڊانسر نورا فتيحي فيفا ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ مشهور آمريڪي ڳائڻي نڪي ميناج سان گڏ پرفارم ڪندي.

قطر جي شهر الخور ۾ البيت اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ اداڪاره هندي گيت تي رقص ڪندي.

نورا فتحي واحد اداڪارا آهي جنهن فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.

ان کان اڳ اداڪارا قطر ورلڊ ڪپ جي آفيشل گاني ۾ به نظر آئي هئي، جيڪو 7 آڪٽوبر تي رليز ڪيو ويو هو.

نورا فتحي کان سواءِ آفيشل گاني ۾ ٽن مشهور عرب فنڪارن کي شامل ڪيو ويو، جن ۾ اماراتي ڳائڻي بلقيس، عراقي سپر اسٽار رحمه رياض ۽ مراکش جي ايوارڊ ماڻيندڙ گلوڪاره منال شامل آهن.

واضح رهي ته گذريل مهيني خبر آئي هئي ته نورا فتيحي فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جي افتتاحي تقريب ۾ شڪيرا ۽ جينيفر لوپيز سان گڏ پرفارم ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.