ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ وڌيڪ داخلائن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ديارام ڄيٺمل (ڊي جي) سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ وڌيڪ داخلائون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تعليم کاتي جي پڌرائي موجب پري انجنيئرنگ جي داخلا لاءِ ميرٽ کي گهٽائي 51 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب ڊي جي ڪاليج جي داخلا لاءِ ميرٽ 519 مان گهٽائي 468 مارڪون رکيون ويون آهن.

تعليم کاتي موجب هن سال ڊي جي ڪاليج ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ داخلائون ڏنيون ويون.

سنڌ جي تعليم کاتي موجب ڊي جي ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر سائنس فيڪلٽي به شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.