آرمي چيف جو ملتان گيريزن جو الوداعي دورو، آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملتان گيريزن جو دورو ڪيو .

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملتان گيريزن ۾ آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته هن اسٽرائيڪ فارميشنز جي دستن سان پڻ ڳالهه ٻول ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف مادر وطن جي خدمت لاءِ فارميشنز جي غيرمعمولي پيشيوارڻي قابليت کي ساراهيو .

واضح رهي ته آرمي چيف اڄڪلهه مختلف ڪورز جا الوداعي دورا ڪري رهيو آهي، هن گذريل ڏنهن منگلا ۽ سيالڪوٽ گيريزن جا الوداعي دورا ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.