ڀارتي سپريم ڪورٽ راجيو گانڌي قتل جي سمورن ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي جي قتل جي سمورن ڇهن ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ پنهنجي اعليٰ اختيارن جو استعمال ڪندي راجيو گانڌيءَ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڏوهارين کي 33 ورهين کانپوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

ڀارتي عدالت هلندڙ سال مئي ۾ راجيو گانڌي قتل ۾ ملوث جوابدار پيرار ريولن جي آزادي جو حڪم ڏنو جڏهن ته تامل ناڊو حڪومت به راجيو گانڌي قتل ڪيس ۾ سزا يافته ڏوهارين جي آزادي جي سفارش ڪئي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگريس سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ناقابل قبول ڏيندي پنهنجي قانوني ٽيم سان صلاح مشوري کانپوءِ ايندر حڪمت عملي سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ياد رهي ته ڀارتي  وزيراعظم راجيو گانڌي کي 1991ع  ۾ تامل ناڊو ۾ تامل عليحدگي پسند عورت آپگهاتي بمبار ڌماڪي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.