جنرل باجوا جي روانگي ۽ نواز شريف جي واپسي يقيني بڻجي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  فوجي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه جي رٽائر ٿي روانگي ۽  نواز شريف جي واپسي ڪافي حد تائين  يقيني  بڻجي وئي آهي.

نامياري صحافي موجب  ڪالهه جنرل قمر جاويد باجوه سيالڪوٽ ۽ منگلا ڪور ۾ الوداعي ملاقاتون ڪيون آهن، جنهن جي باضابطا پريس رليز ذريعي پڌرائي به ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملازمت مدي ۾ واڌ وارا افواهه پاڻمرادو  پڄاڻيءَ  کي پهچي رهيا آهن ۽ اها خاطري ٿي وئي آهي ته جنرل قمر جاويد باجوه 29 نومبر کان رٽائر ٿي ذاتي زندگي گذارڻ  طرف روانگي ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ نواز شريف کي به سفارتي پاسپورٽ پهچايو ويوآهي، جنهن مان لڳي ٿو ته نواز شريف جي وطن واپسيءَ جي تياري به باضابطا  شروع ٿي وئي آهي.

جيتوڻيڪ نئين آرمي چيف جي مقرري جي سمري چرپر ۾ نه آئي آهي ڇو ته بچاءَ کاتي وارو  وزير خواجا آصف به ان مقرري  بابت صلاح مشورن لاءِ لنڊن ويل آهي. جنهن جي واپس اچڻ شرط سمري حرڪت ۾ اچي ويندي. ٻئي طرف نئين آرمي چيف کي تڪراري بڻائڻ لاءِ عمران خان به آخري ڪوشش طور اسلام آباد بدران راولپنڊي پهچڻ جو واضح اعلان ڪيو آهي، پر ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته اهڙي ڪنهن به ڪوشش کي بطور اداري برداشت نه ڪيو ويندو.

نوٽ: عاصمه شيرازيءَ جو هي تبصرو روزاني عوامي آوازجمعو 22-11-11 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.